У нас вы можете посмотреть бесплатно Lala Abdul Hussain Sario 9th Death Anniversery. или скачать в максимальном доступном качестве, видео которое было загружено на ютуб. Для загрузки выберите вариант из формы ниже:
Если кнопки скачивания не
загрузились
НАЖМИТЕ ЗДЕСЬ или обновите страницу
Если возникают проблемы со скачиванием видео, пожалуйста напишите в поддержку по адресу внизу
страницы.
Спасибо за использование сервиса ClipSaver.ru
View for more Videos, click on below link: • Видео / @wnnnews6616 مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿيا نه مات، هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا. (شاهه) اڄ ڀائو عبدالحسين ساريو جي نائين ورسي آھي۔ اللّٰه رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪندو۔ 9 سال ڪيئن گذري ويا ، خبر ئي نه پئي۔ مون کي ڪالھوڪو ڏينھن ٿو لڳي۔ جنھن مھل آغا خان اسپتال ۾ لالا منھنجو ھٿ پڪڙي صرف ايترو ڳالھائي سگھيو ته ڀائو ھاڻي ڳالھ ختم آ۔ مون چيو ڀائو ڇو ٿا دلگير ٿيو۔ الله غفورالرحيم آ۔ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو۔ لالا وڌيڪ نه ڳالھايو بس ٽڪ ٻڌي مون کي ڏسندو رھيو ۽ نھڪر ۾ ڪنڌ لوڏيائين۔ ھونئن ته ھر دفعي اسپتال ۾ به لالا ھشاش بشاش رھندو ھو۔ ڪڏھن به مايوسي واري ڳالھ نه ڪندو ھو۔ ھن جنھن بھادري سان بيماري سان جھيڙيو، اھڙوبھادر مون ڪنھن ٻئي کي نه ڏٺو۔ ان ڏينھن شايد لالا کي خبر پئجي چڪي ھئي ته دوستن کان موڪلائي وٺجي ڇو ته اڄ وڇوڙي جو ڏينھن آ۔ مان لالا کي ڀائو چوندو ھئس، ھو به مون کي ڀائو چوندو ھو۔ ڪڏھن نالي سان نه سڏيائين ۽ ھر ھنڌ ننڍي ڀاءُ طور منھنجو تعارف ڪرائيندوھو۔ اھا ھن جي محبت ھئي۔ شايد لالا ھر ننڍي وڏي کي ڀائو چوندو ھو۔ مون ڪڏھن به ھُن شخص کي ڪاوڙ ڪندي نه ڏٺو۔ ھر وقت منھن تي مرڪ ۽ ٽھڪ ۽ اھا گواھي ھر اھو ماڻھو ڏيندو جيڪو لالا جي ويجھو رھيو ھوندو۔ ڪراچي ۾ اڪثر منھنجي ڊفينس واري آفيس تي مھراڻ عباسي ۽ ڀائو عبدالحسين ساريو سان ڪچھريون ٿينديون ھيون۔ لاڙڪاڻي جي ڪنھن شاعر ڀائو عبدالحسين ساريو جي وڇوڙي تي چيو ھو ته: ”ويو ڇا، صدين جا وڇوڙا ڇڏي ويو، انھيء شخص خوابن سندا کيت کيڙيا، جڏھن دل پکيڙي، سدا پيار ميڙيا، ھو يادن ۾ ڪيڏا نه ڳوڙھا ڇڏي ويو، ويو ڇا صدين جا، وڇوڙا ڇڏي ويو۔“ A.J. Abbasi World Literature like poetry, stories, novels and Music #WorldLiteratureandMusic #AbdulJabbarAbbasi #LalaAbdulHussainSario #HussainSario #SindhiFankar #ktn #SarmadSindhi #RahmanMughul