У нас вы можете посмотреть бесплатно Latif Shanasi l Jami Chandio lTalk 1lShah latif j shairi jo ps mnzr en latif shanasi jn Ghrjn или скачать в максимальном доступном качестве, видео которое было загружено на ютуб. Для загрузки выберите вариант из формы ниже:
Если кнопки скачивания не
загрузились
НАЖМИТЕ ЗДЕСЬ или обновите страницу
Если возникают проблемы со скачиванием видео, пожалуйста напишите в поддержку по адресу внизу
страницы.
Спасибо за использование сервиса ClipSaver.ru
First Circle Talk by venerated Jami Chandio about Latif Shanasi topic '' Shah latif ji shairi jo pas Manzar en latif Shanasi jun ghurjon ' is available to you on our youtube ChannelThe Visual Diary , Do subscribe our YouTube Channel as next Circles talks upto December 2021 will be uploaded on our Youtube Channel and you can watch anytime on official facebook page as well. #LatifShanasi #ShahAbdullatifBhittai #JamiChandio #seriesonLatifShansai جامي سائين جو اهو خيال هو ته سنجيده نوجوان دوستن جو هڪڙو اهڙو گروپ تشڪيل ڏجي جنهن سان لطيف سائين جي شاعري تي فڪري ويهڪون ڪجن ۽ لطيف سائين جي سڀني سرن کي پڙهجي. جامي سائين اسان سان ڪيتري ئي وقت کان ان خيال جو اظهار ڪندا پئي آيا نيٺ پنجن دوستن، سجاد ڀرگڙي وجاهت هنگورجو، ديال ساماڻي، آفتاب چانڊيو ۽ راجا الطاف گڏجي ڪري هڪ گروپ تشڪيل ڏنو آهي جيڪو سال پورو لطيف سائين سان شروع ڪيل سرڪل ۾ گڏ هوندو. هنن ويهڪن ۾ اسان لطيف سائين جي شاعري جي هر فڪري ۽ فني پهلوئن کي سمجهنداسين، جامي سائين لطيف سائين تي پنهنجي فڪري، علمي، ادبي ۽ سائنسي گفتگو ڪندا ۽ اسان نوجوان ان مان گهڻو ڪجه سکنداسين. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اسان جي پهرين ويهڪ ٿي گذري جنهن جو عنوان هو ´´شاھ لطيف جي شاعري جو پس منظر ۽ شاھ شناسي جو گهرجون``. جامي سائين ان عنوان تي تاريخ جي هر انهي روايت، فڪر، انسان، تحريڪ، علم ۽ حالت تي تفصيلي گفتگو رکي جنهن کي سمجهڻ کان سواء لطيف سائين کي سمجهڻ گهڻي ڀاڱي ناممڪن آهي. گفتگو ۾ اهو ذڪر به ٿيو ته لطيف سائين جهڙي هيڏي وڏي جينيس، مفڪر ۽ انقلابي شاعر کي پڙهڻ لاء ڪهڙين شين جو خاص خيال رکڻ گهرجي. لطيف سائين تي شروع ڪيل هي پهريون سرڪل آهي جيڪو هر پندرهين ڏينهن هلندو ۽ گروپ سال پورو ويهڪن ۾ شريڪ ٿيندو. جيئن ته هي گروپ مخصوص آهي تنهن ڪري سڀني ويهڪن کي مڪمل رڪارڊ ڪري يوٽيوب تي به رکبو ۽ لائيو براڊڪاسٽ به ڪبو. پهريون دفعا ائين ٿيندو جو لطيف سائين جي هر سر تي عالمانا ۽ فڪري گفتگو جي وڊيو يوٽيوب تي موجود هوندي ته جيئن لطيف سائين جي فڪر کي هر ماڻهو تائين پهچائي سگهجي ۽ لطيف سائين جي انهن رهيل پاسن تي به گفتگو ڪجي جيڪي اڃان تائين زير بحث نه آيا آهن. اميد ٿي ڪجي ته هي ويهڪون سنڌ جي هر ماڻهو کي لطيف سمجهڻ لاء اهم ثابت ٿينديون. جامي سائين جون وڏيون مهربانيون جيڪو پورو سال وقت ڏيندو. . Subscribe YouTube Channel : The Visual Diary